ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ نيب جون 10 عدالتون غير فعال ٿي ويون، جن مان 4 خالي ۽ 4 عدالتون مختلف ڪورٽن ۾ تبديل، 200 کان ريفرنس التوا جوشڪار، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ نيب جون عدالتون عملي طور غير فعال ٿي ويون آهن، شهر ۾ نيب جون 10 عدالتون قائم ڪيون ويون هيون، جن مان 4 عدالتون اڳ ۾ ئي مختلف ڪورٽن ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن، جڏھن ته 4 عدالتون خالي پيل آهن، رڳو 2 عدالتن ۾ جج مقرر ٿيل آهن، جن کي به ٻين عدالتن جي چارج ڏني وئي آهي، احتساب عدالتن ۾ 200 کان وڌيڪ ريفرنس التوا هيٺ آهن