ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ بدامني خاص طور تي اسٽريٽ ڪرائيم خلاف اپوزيشن جو گوڙ، ايوان سوالن جوابن جي وقفي دوران مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ڌُر جا ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا، اپوزيشن ميمبر گھرو وزير جي تقرير دوران ڊيسڪن تان اٿي بيٺا، اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ مارجي ويل شهرين جون تصويرون کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو،  ڪالهوڪي اجلاس ۾ سوالن جوابن جو سيشن شروع ٿيڻ وقت  اپوزيشن ميمبرن ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته شهر ۾ ٿوري ئي عرصي ۾ 70 شهري مارجي ويا آهن، جنهن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، سوالن جوابن کان وڌيڪ اهم معاملو 70 انساني جانيون ضايع ٿيڻ وارو آهي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ مخالف ڌُر جي گوڙ تي ڳالهائيندي چيو ته اهو مناسب ناهي ته اپوزيشن ليڊر پاڻ به ڊيسڪ تان اٿي بيهي، اهو طريقو بهتر ناهي، جنهن تي اپوزيشن ليڊ علي خورشيدي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جو امن امان اسان لاءِ اهم آهي، ايم ڪيو ايم ميمبر قرت العين ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ موبائل ۽ روڪ رقم ڦرڻ بعد تعليم يافته نوجوانن کي قتل ڪيو پيو وڃي، شهر ۾ ڪتن ۽ ٻلن جيان ٻارڙن کي به ماريو پيو وڃي، جنهن تي گھرو وزير ضياالحسن لنجار ڳالهائيندي چيو ته ڪو به شعور وارو ماڻهو اهڙي واقعن تي خوش ٿي نه ٿو سگھي، جيڪي ماڻهو مارجي وڃن ٿا، حڪومت انهن کي معاوضو به ڏيندي رهي آهي، جيترو ممڪن هوندو آهي ايترو سندن فيملي جي سپورٽ به ڪندا رهون ٿا، انهي  دوران پ پ ايم پي اي سعديه جاويد سوال ڪندي چيو ته ڇا پيپلز پارٽي سرڪار ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ملڻ وارو سلسلو ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي؟ جنهن تي گھرو وزير جواب ڏيندي چيو ته ڪراچي مان ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ مڪمل ختم ڪرائي وئي آهي، جڏهن کان آئون گھرو وزير ٿيو آهيان، تڏهن کان ٽارڪيٽ ڪلنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ هن وقت اهڙا ڏينهن ناهن، جو 12 مئي وارو واقعو پيش اچي ۽ نه وري ڏينهن ۾ 100_100 لاش ملن پيا، گھرو وزير جي تقرير دوران ئي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ڊيسڪ تان اٿي ٻيهر گوڙ شروع ڪري ڏنو جنهن تي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته جڏهن گھرو وزير جواب ڏئي پيو ته توهان خاموشي سان ٻُڌو، جنهن تي اسپيڪر پاران شرجيل انعام ميمڻ کي هدايت ڪئي وئي ته توهان ويهي رهو، گھرو وزير پوليس تي تنقيد ٿيڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته آئون پنهنجي پوليس جي بي عزتي برداشت نه ڪندس. گھرو وزير چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ٻوري بند لاش جي ڳالهه نڪرڻ تي جذباتي ٿي ويندا آهن، پر کين جذباتي ان ڪري نه ٿيڻ گھرجي ته هُنن اهو ڪم ناهي ڪيو، گھرو وزير چيو ته ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۾ ٽارچر سيل هوندا هئا پر ان حوالي سان اسان ايم ڪيو ايم کي ڪجهه نه ٿا چئون، ايم ڪيو ايم ميمبر خاموشي سان ٻڌن، اهو ٻُڌي پرسنل ڇو ٿا ٿين؟ ماروي راشدي ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم ميمبرن جو ايوان ۾ غير سنجيده رويو آهي، کين پارلياماني روايتن جي خبر ناهي، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ پهريون ڀيرو ايوان ۾ آيا آهن، هن چيو ته صولت مرزا ۽ اجمل پهاڙي جهڙن ٽارگيٽ ڪلرز جو ڪهڙي جماعت سان تعلق هو؟ اها سڀني کي خبر آهي، هن چيو ته اپوزيشن وارا ته شريف آهن پر جيڪي ماضي ۾ هئا. تقريرن دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن پاران گوڙ شروع ڪيو ويو، انهي دوران اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي ميمبر اهو نه ٿا چاهين ته ڪراچي جي امن امان تي اسان ڳالهايون، هن اسپيڪر کي شڪايت ڪندي چيو ته اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي، جنهن تي گھرو وزير ضيا الحسن لنجار چيو ته اسان صرف ماضي ياد ڏياريون پيا، ان تي به هي ناراض ٿين پيا، گھرو وزير چيو ته اجمل پهاڙي هاڻي ڪٿي آهي؟ اها خبر ته ناهي پر اسان جي پوليس ان کي گرفتار ڪيو هو، صولت مرزا کي به پوليس گرفتار ڪيو هو، هن چيو ته مون کي ان بابت معلوم ناهي ته اجمل پهاڙي کي عدالت آزاد ڪيو هو يا وري ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي سندس آزادي عمل ۾ آئي. ايم ڪيو ايم جي بلقيس مختيار پنهنجي لکت واري سوال ۾ چيو ته رحمان ڊڪيٽ ۽ عزير بلوچ ماڻهن جي منڍين سان فوٽبال راند ڪئي هئي، هاڻي لياري امن ڪاميٽي ڪٿي آهي؟ جنهن تي گھرو وزير ضياالحسن لنجار چيو ته رحمان بلوچ ڪراچي جي شهرين جو قاتل آهي، جنهن کي پوليس ماريو ۽ عزير بلوچ هن وقت ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي.ٻئي طرف اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن  تي اسان کي  به افسوس آهي، اسان ڪوشش ڪريون پيا ته اسٽريٽ ڪرائيم تي مڪمل ضابطو آڻيون، هن چيو ته حڪومتي تبديلي کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گھٽتائي آئي آهي، ايم ڪيو ايم ڄاڻي واڻي اهڙو ماحول ٺاهيندي آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ سڀني جي سامهون آهي، ايم ڪيو ايم سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ ماضي دوران ٿيل اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڳالهه ڪئي وئي، هن چيو ته ڪا به انساني جان ضايع ٿئي ٿي ته حڪومت جوابده آهي، اسيمبلي ۾ نعرا هڻي حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي، سڀني کي خبر آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ڪير ڪرائيندو آهي ۽ ٻوري بند لاش ڪير ڏيندا هئا؟ ايم ڪيو ايم وارا سخت بيان ڏئي واپس به وٺندا آهن ۽ معافيون به وٺندا آهن.  ايم ڪيو ايم وارن لاءِ بهتر آهي ته بعد ۾ معافيون وٺڻ بجاءِ اهڙا بيان به نه ڏين. ماضي ۾ لنڊن کان هڪ ڪال ايندي هئي ته شهر بند ٿي ويندو هو، گاڏيون ساڙي عوام جو اربين روپين جو نقصان ڪيو ويندو هو. اسان صوبي ۾ امن امان جا ذميوار آهيون، پر اسيمبلي جو ماحول خراب ٿيڻ نه گھرجي، ايوان ۾ پيپلز پارٽي ايم پي اي هير سوهو پاران سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ايوان ۾ تحريڪ التويٰ پيش ڪئي وئي، ايوان ۾ گوڙ سبب ايوان پاران تحريڪ التويٰ بحث لاءِ منظور ڪئي وئي جڏهن ته اجلاس دوران سيفي برهاني يونيورسٽي بِل به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي اسپيڪر پاران وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اويس قادر شاھ اجلاس 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو