ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عورت  پنهنجي معصوم ڌيءَ آڏو قتل، لاش ڀرسان ٻارڙيءَ کي ڏسي شهرين پوليس کي اطلاع ڪيو، ٻارڙيءَ پنهنجي پيءَ کي قاتل قرار ڏئي ڇڏيو. ان ان ڏس ۾ منگھوپير  جي ڊبليو 22 بس اسٽاپ ڀرسان ونگي ڳوٺ ۾ خالي پلاٽ تان 25 سالن جي عورت جو لاش هٿ آيو، عورت کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ ٻارڙيءَ هٿ آئي آهي، اها معصوم ٻارڙيءَ چوي ٿي ته  امان کي بابا ماريو آهي. پوليس  کي شڪ آهي ته عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي.