ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ مقابلو، ڦورو مارڻ جي دعويٰ: 2 هاف فراءِ، ايس ايس پي ڪورنگي طارق نواز موجب ڪورنگي ۾ موٽر سائيڪل سوار اهلڪار گشت ڪري رهيا هئا ته جوابدارن ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار سڪندر مارجي ويو، جڏهن ته رياض ۽ ذاڪر زخمي ٿي پيا، سندن قبضي مان 2 پسٽل، گوليون، موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي، جوابدار ڦر جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن