ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پٽيشن فورم پاران نون ڪئنالن واري منصوبي خلاف فريئر هال کان ڪراچي پريس ڪلب تائين مارچ، هزارين ماڻهن مارچ ۾ شرڪت ڪري تڪراري ڪئنالن واري منصوبن کي سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏئي ڇڏيو، مارچ ۾ ذوالفقار جونيئر ، ايس يو پي صدر سيد زين شاھ، جي ڊي اڳواڻ صفدر عباسي سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ عورتن شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي  پ پ( ش ڀ ) اڳواڻ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته اسان کي ايئرپورٽ، ريلويز ۽ بندرگاھ  به بند ڪرڻا آهن، پوءِ ڪئنال ٺاهيندڙن کي سمجهه اچي ويندو ته سنڌ جا ماڻهو هاڻي نه رڪندا ۽ کين پورا حق گھرجن. اسان وڪيلن سان گڏ آهيون، ساھ جي آخري گھڙي تائين نون ڪئنالن خلاف وڙهنداسين، هن چيو ته سنڌو اسان جو ساھ آهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌوءَ سان پيار ڪن ٿا، هن چيو ته آئون سائين جي ايم سيد، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سلام پيش ڪيان ٿو، اسان آصف زرداري کي ٻڌايون پيا  ته سنڌ جا ماڻهو توهان جي خلاف ٿي ويا آهن. ايس يو پي جي سربراهه سيد زين شاھ خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ٻچي ٻچي گرين انيشيٽو کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ايس آءِ ايف سي پاڪستان لاءِ تباهي آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري  8 جولاءِ واري اجلاس ۾ گرين انيشيٽو پاڪستان هيٺ ڪئنالن جي منظوري ڏني، پ پ وارا ٻڌائين ته اهي احتجاج ڪنهن جي خلاف پيا ڪن؟ هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سمجھڻ گھرجي ته ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪا نفرت ويهي ٿي، اها صدين تائين نٿي نڪري. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم ذريعي جوڊيشل مارشل لا لڳايو ويو آهي، پيڪا ايڪٽ ذريعي اظهار جي آزادي سلب ڪئي وئي آهي  ريلي کي صفدر عباسي،  شهاب اوستو، ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته ڪئنالن واري منصوبي کي سنڌ جا ماڻهو رد ڪري چُڪا آهن، اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، حڪمرانن کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پوندو.