شهدادپور (ن پ ا) ڪراچي ڊفينس ٿاڻي جي ايس ايڇ او طرفان شهدادپور واسي قانون جي شاگرد شهباز خاصخيلي کي مبينا وحشياڻي تشدد ڪري مرڻينگ ڪرڻ واري واقعي جي شهدادپور تعلقه بار ايسوسئيشن پاران مذمت ڪئي وئي آهي ۽ الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو ان ڏس ۾ شهدادپور بار صدر ايڊوڪيٽ آغا افتخار ترين جي سربراهي ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو جنهن ۾ وڪيلن چيو ته ايڊووڪيٽ اصغر خاصخيلي جي پٽ شھباز تي ايس ايڇ او ڊفينس اسرار ٻرڙو وحشياڻي ۽ قاتلاڻو حملو ڪيو آهي جنهن سبب کيس گهرا زخم آيا ۽ مرڻينگ حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچي داخل آهي.وڪيل برادري چيو ته ايس ايڇ او پاران قانون جي تي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا.تعلقه بار جا سمورا وڪيل متاثر وڪيل ڀاءُ سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سمهون ٿا ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مڪمل نااهلي ۽ نالائقي آهي ته هڪ معصوم شاگرد کي بيرحمي سان تشدد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. بار صدر ايڊوڪيٽ آغا افتخار ترين۽ جنرل سيڪريٽري فياض خاصخيلي مطالبو ڪيو ته حملي آور ايس ايڇ او ڊفينس اسرار ٻرڙو ۽ سندس ساٿارين خلاف ايف آءِ آر درج ڪري فوري طور گرفتاري عمل ۾ آڻي قانون موجب سزا ڏني وڃي، شهدادپور بار طرفان اهڙو مذمتي ليٽر به جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪاپي آءِ جي سنڌ سميت هاءِ ڪورٽ بار ۽ ٻين اختيارين کي موڪليو ويو آھي.