ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسپورٽس فار لائف نعري تحت اپوا ڪاليج ڪراچي ۾ چئن ٽيمن وچ ۾ فٽسال گرلز ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. ٽورنامينٽ ۾ اسلاميا ڪاليج لائنز ايريا، اپوا ڪاليج، خاتون پاڪستان ڪاليج ۽ ٻين ڪاليج جي ٽيمن حصو ورتو. پروفيسر روبينا شمشاد افتتاح ڪيو جيڪو اپوا ڪاليج ۾ ٿيو. اپوا ڪاليج ۽ اسلاميا ڪاليج جي ٽيمن وچ ۾ فائنل ٿيو جنهن ۾ سخت مقابلو ٿيو. مقرر ٽائيم ۾ ڪو گول نه ٿي سگهيو. پينلٽيز تي اسلاميا ڪاليج جي رانديگرياڻين شاندار راند ڪندي ٻه گول ڪيا ۽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو. فاتح ٽيم کي ٽرافي انعام ۾ ڏني وئي. ان موقعي تي قاضي شهزاد، سميرا سيد، انجم زهرا، اسلاميا ڪاليج جي اسپورٽس ٽيچر مهوش خان، صنوبر ڪاظمي، محمد تقي، وقار علي، ايم حارث، محمد حماد، ريحان اڪرم ۽ ٻيا موجود هئا.