ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سول سوسائٽي پاران فلسطينين سان يڪجھتي  جي اظهار لاء شاھراھ قائدين کان مزار قائد تائين ريلي ڪڍي وئي ـ ريلي جي قيادت ڪراچي جو اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر  فھيم الزمان ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا ـ جڏهن ته ريلي ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضي وھاب ـ اڳوڻو گورنر محمد زبير ـ ايم ڪيو ايم اڳواڻ نسرين جليل ـ رعنا انصار ـ جماعت ااسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ـ ريلي ۾ شريڪ عورتن ۽ مردن کي فلسطين جا جھنڊا ۽ بينر ھٿن ۾ کنيل ھئا ـ اڳواڻن چيو ته غزا ۾ جاري اسرائيلي دھشتگردي  سبب عورتن ۽ مردن سميت معصوم ٻار پڻ شھيد ٿي چڪا آھن ھاڻي ٻن ڏينهن جي جنگبندي بدران مستقل جنگبندي ڪري فلسطين جي آزاد حيثيت قبول ڪندي اسرائيلي دھشتگردي  روڪي وڃي.