ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته تعليمي بورڊ جي نتيجن ۾ معيار برقرار رکڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. يارهين ڪلاس ۾ 67 سيڪڙو شاگرد نتيجن ۾ ناڪام ٿيا آهن، يقينن ان ۾ انساني غلطي آهي. هن چيو ته هر ٻار ڊاڪٽر يا انجنيئر نٿو بڻجي سگھي،  اهڙا واقعا ۽ اميدون به والدين  لاءِ ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻجن ٿيون.