ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، ڪوسٽ گارڊ جو سپاهي شهيد، صدر واري علائقي ۾ پريڊي اسٽريٽ وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 25 ورهين جي بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو، پوليس موجب بلال جي کيسي ۾ موبائيل فون ۽ پئسا موجود هئا، موٽرسائيڪل به واردات واري هنڌ پيل هئي، بلال کان ڪا به شيءَ ڦر ناهي ٿي پوليس موجب بلال ڪوسٽ گارڊ ۾ سپاهي هو، جيڪو ڊيوٽي ختم ڪري آفيس مان نڪتو هو ته پريڊي اسٽريٽ وٽ کيس نشانو بڻايو ويو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول هٿ ڪري فرانزڪ لاءِ اماڻيا ويا آهن، مقتول جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.