ڪراچي ۾ فائرنگ: سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا گارڊ سميت ٽارگيٽ بڻائي قتل

0
28
ڪراچي ۾ فائرنگ: سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا گارڊ سميت ٽارگيٽ بڻائي قتل
ڪراچي ۾ فائرنگ: سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا گارڊ سميت ٽارگيٽ بڻائي قتل

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سي ٽي ڊي جو ڊي ايس پي علي رضا گارڊ سميت ٽارگيٽ بڻائي شهيد، ان ڏس ۾ ڪريم آباد جي فيصل بازار ۾ شڪيل ڪارپوريشن وٽ ھٿياربندن ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا کي ٽارگيٽ بڻايو

پوليس موجب جوابدارن علي رضا تي ڪيترائي فائر ڪيا، گوليون لڳڻ سبب علي رضا ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته  سيڪيورٽي گارڊ وقار احسن زخمي ٿي پيو، شهيد آفيسر جو لاش ۽ زخمي گارڊ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي گارڊ به دم ڏنو، پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب هٿياربندن جو انگ 2 هو، هڪ کي هيلمٽ پاتل هو، ٻئي کي اجرڪ اوڍيل هئي

ابتدائي اطلاعن موجب حملي آورن پاران استعمال ڪيل پستول کي سائلنسر لڳل هو، واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پستول جا 11 خول مليا آهن. پوليس موجب ڪرائيم سين يونٽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون آهي ، واردات واري هنڌ جي جيوفينسنگ ڪئي ويندي، مختلف هنڌن تان سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪيا پيا وڃن

هوڏانهن گهرو وزير ضياء الحسن لنجار واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته علي رضا قابل آفيسر هو، سندس خدمتون ياد رکيون وينديون. سندس قتل جي جاچ لاءِ قابل آفيسر کي مقرر ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي