ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، جهنگ واسي بائيڪا رائيڊر قتل، ايس ايس پي سائوٿ موجب ڊفينس فيز 7 ۾ صفا يونيورسٽي ويجھو ھٿياربندن فائرنگ ڪري 25 سالن جي مدثر رياض ولد رياض حسين کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو تعلق جهنگ سان آهي، مقتول هڪ اداري ۾ ملازمت ڪندو هو، پارٽ ٽائيم بائيڪا پڻ هلائيندو هو، مقتول کان ڦرلٽ ناهي ٿي موٽر سائيڪل، پرس ۽ پئسا موجود هئا ، جوابدار نوجوان جو پيڇو ڪندا آيا، انهن نالي وٽ مٿس فائرنگ ڪئي، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو.