ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين خلاف وٺ پڪڙ کانپوءِ ڏوهه گهٽجي ويا آهن: خادم حسين رند

0
116
ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين خلاف وٺ پڪڙ کانپوءِ ڏوهه گهٽجي ويا آهن: خادم حسين رند
ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين خلاف وٺ پڪڙ کانپوءِ ڏوهه گهٽجي ويا آهن: خادم حسين رند

ڪراچي پوليس جي سربراهه خادم حسين رند چيو آهي ته ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين خلاف وٺ پڪڙ کانپوءِ ڏوهه گهٽجي ويا آهن، بنگلن ۾ ڌاڙن دوران عورتن سان ريپ جا واقعا نه ٿيا آهن، غير قانوني افغاني ڏوهن جي وارداتن دوران شهرين تي تشدد به ڪندا هئا ۽ ريپ به ڪندا هئا

 ڪراچي پوليس جي سربراهه خادم حسين رند صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته پوليس جي آپريشن کانپوءِ هاڻي سهراب ڳوٺ ۽ افغان بستي نوگو ايريا نه رهيا آهن، 15 سئو کان وڌيڪ غير قانوني افغانين کي اسان پڪڙيو آهي

هن چيو ته 5 هفتن دوران 12 سئو کان وڌيڪ افغانين کي نيڪالي ڏني اٿئون، ڪراچي ۾ ترسيل افغانين جو سمورو ريڪارڊ هٿ ڪيو اٿئون، نئين پاليسي تحت پوليس آپريشن روڪيو ويو آهي

خادم حسين رند چيو ته هاڻي حڪومت جڏهن به حڪم ڪندي ته اسان وٽ سموري ڊيٽا موجود آهي، اليڪشن لاءِ 45 هزار اهلڪارن جي نفري گهربل آهي، مجموعي طور 10 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي