ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شارع فيصل تي شينهن نڪري اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پنجن ڄڻن جي ضمانت منظور، عدالت پنجن ڄڻن کي ٻن ٻن لکن جي مچلڪن عيوض آزاد ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنجن جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شاهراهه فيصل تي هٿ آيل شينهن ستن مهينن جو ٻچو آهي، جنهن تي جج شاهد علي پڇاڻو ڪيو ته ڇا شينهن کي توهان جي حوالي ڪيو وڃي؟ وڪيل چيو ته هي گرفتار غريب جا ٻار آهن، عدالت چيو ته ڇا هي پنجن مهينن جا ٻار آهن ؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽائيگر کي کڻي ويندڙ گاڏي کي فوري طور تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت شينهن جي مالڪ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي فارم هائوس جو نالو ڇا آهي؟ جنهن تي مالڪ ٻڌايو ته فارم هائوس جو ڪو به نالو ناهي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پنجن جوابدارن جي ٻن ٻن لکن عيوض ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪري ڇڏيو.