ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهري فائرنگ ڪري ٻن مبينه ڦورن کي ماري وڌو، ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي موجب ناظم آباد ۾ ميٽرڪ بورڊ آفيس وٽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، هڪ شهري ڦرلٽ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن تي فائر ڪيا، گوليون لڳڻ سبب 2 مبينه ڦورو مارجي ويا آهن. ايس ايس پي موجب شهري بيان ڏنو ته جوابدار ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، انهي دوران هن جوابدارن تي فائرنگ ڪئي، مارجي ويل جوابدارن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، ٻنهي جوابدارن جي فوري طور سڃاڻپ ناهي ٿي