ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهرين جي فائرنگ ۾ 3 مبينه جوابدار مارجي ويا، 4 زخمي، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو جيل چورنگي واري پل هيٺان فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار 4 جوابدار شهرين کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته اڻڄاتل ڪار سوار فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، زخمي پنهنجو نالو محمد علي ٻڌايو ، هن مارجي ويلن مان هڪ جو نالو زبير پٽ لعل محمد ٻڌايو، هن مارجي ويل ٻئي جوابدار جي نالي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف گلبرگ جي علائقي عائشه منزل ۾ ميزان بينڪ وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو نوجوان مارجي ويو. پوليس شڪ ڏيکاريو ته مارجي ويل ڦورو آهي جنهن کي نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، هوڏانهن گبول ٽائون جي علائقي بفرزون سيڪٽر 15 بي ۾ شهري جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدار زخمي ٿي پيا، پوليس پهچي ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي ٿيلن جي سڃاڻپ 19 ورهين جي امير حسين ولد مشرف، 28 ورهين جي عبدالرحمان ولد عبدالبشير ۽ 22 ورهين جي اسماعيل ولد فاروق جي نالن سان ٿي آهي. پوليس موجب جوابدار شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، انهي دوران ريوو گاڏي ۾ ويٺل گارڊ ۽ اڻڄاتل شهري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 جوابدار زخمي ٿي پيا.