ڪراچي ۾ شاگردياڻي سامهون فحش حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

0
290
ڪراچي ۾ شاگردياڻي سامهون فحش حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار
ڪراچي ۾ شاگردياڻي سامهون فحش حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

جوابدار پوليس آڏو پنهنجو ڏوهه باسيندي چيو آهي ته اهڙي ڪڌي حرڪت ڪرڻ تي مان شرمسار آهيان

ڪراچي جي سمن آباد واري علائقي ۾ ڇوڪريءَ سان بدتميزي ۽ فحش حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار ٿي ويو

 سمن آباد ٿاڻي جي پوليس جوابدار آصف کي سي سي ٽي وي فٽيج جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو

 پوليس موجب جوابدار آصف ڀنگوريه ڳوٺ عزيز آباد جو رهواسي آهي، جوابدار واقعي بعد پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو هو

جوابدار پوليس آڏو پنهنجو ڏوهه باسيندي چيو آهي ته اهڙي ڪڌي حرڪت ڪرڻ تي مان شرمسار آهيان، پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

هي به پڙهندا

بهاولنگر ۾ رڪشا ۾ سوار عورت آڏو فحش حرڪتون ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو