ڪراچي(رپورٽ: حببب جمالي ) ڪراچي ۾ شهري جو سي ٽي ڊي اهلڪارن تي ڀنگ لاءِ اغوا جو الزام، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم، ان ڏس ۾ سهراب ڳوٺ جي رهواسي گل محمد وڊيو بيان ذريعي الزام هنيو آهي ته آئون پنهنجي دوست نورمحمد سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هئس، بورڊ آفيس وٽ پيٽرول پمپ تي پيٽرول ڀرائڻ لاءِ بيٺاسين ته هڪ پوليس موبائل ۽ موٽر سائيڪل تي سوار سادا ڪپڙا پاتل اهلڪار اسان وٽ اچي بيٺا، انهن اسان کي اغوا ڪري ابتو ٽنگي تشدد جو نشانو بڻايو، اهلڪارن اسان کي گھرن وارن کان پهرين 30 لک بعد ۾ 3 لک گھرائڻ جو چيو،اسان کي ڌمڪي ڏني ته پئسا نه مليا ته دستي بم ڪيس ۾ بند ڪري ڇڏينداسين. شهري موجب هڪ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪار ٻڌايو ته يرغمال رکڻ واري عمارت سي ٽي ڊي گارڊن جي آهي. شهري موجب گھران 3 لک 33 هزار کڻي ايندڙ دوست کي به سي ٽي ڊي گارڊن گھرايو ويو، پئسا وٺڻ بعد اهلڪارن اسان کي ڇڏي ڏنو. آءِجي شهري جي وڊيو بيان جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي( سي ٽي ڊي) کي جاچ جو حڪم ڏنو