ڪراچي: تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر اڪرم چيما ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو سيل ڪيل آفيسون کولرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته 9 مئي واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪراچي جون سموريون آفيسون سيل ڪيون ويون آھن، اسان کي سياسي سرگرمين جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جون آفيسون کولڻ جو حڪم ڏنو وڃي.