ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پنڪ گيمز 2025ع ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ پنھنجي پڄاڻي تي پھتيون. ضلعي اوڀر ڪراچي جي پي اي سي ايڇ ڪاليج جي شاگردياڻين 5 ٽرافين سان پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. سنڌ يوٿ ڪلب ۾ ڪالهه هڪ هفتي کان جاري سنڌ پنڪ گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ٿي، جنهن ۾ راندين واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سنڌ پنڪ گيمز ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن ۾ 30 ضلعن ۾ منعقد ڪيا ويا. ڪراچي ڊويزن جي ضلعي اوڀر جي اسپورٽس آفيسر اسماعيل شاهه جي سربراهي ۾ ٿيندڙ سنڌ پنڪ گيمز ۾ کٽيندڙ ٽيمن جون ٽرافيون ۽ 400 کان وڌيڪ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. جنهن ۾ پي اي سي ايڇ ڪاليج جي شاگردياڻين ٽيبل ٽينس، ٿرو بال، ڪرڪيٽ ۽ بيڊ منٽن ۾ 5 ٽرافين سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سنڌ جي راندين واري ترجمان موجب، ضلعي سينٽرل ڪراچي جي اسپورٽس آفيسر حاجرا نواب جي اڳواڻي ٿيل گيمز ۾ ڪرائيڊو ڪاليج جي رانديگر شاگردياڻين ڪرڪيٽ جي فائنل کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي ، جڏهن ته ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي اسپورٽس آفيسر فريد علي جي سربراهي ۾ ٿيندڙ گيمز ۾ اين جي وي اسڪول ڪرڪيٽ ۽ فٽبال ۾ ونر ٽرافي حاصل ڪئي ۽ 300 شاگردياڻين رانديگرياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ان کان علاوه، ضلعي ڪورنگي جي ضلعي اسپورٽس آفيسر شڪيل احمد جي سربراهي ۾ ٿيندڙ پنڪ گيمز ۾ سعود آباد گرلز ڪاليج جي شاگردياڻين فٽبال ۽ ٽيبل ٽينس ۾ ٽي ايم سي اسڪول فائنل کٽي ٽرافي ۽ 5 گولڊ ميڊلز پنهنجي نالي ڪيا، جڏهن ته ضلعي اولهه ڪراچي ۾ عورتن ڪرڪيٽ ۽ فٽبال جو ميچ کٽي فائنل جي جنرل ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي. سنڌ جي راندين واري ترجمان موجب، ضلعي ملير جي علائقي گڊاپ ٽائون ۾ ضلعي اسپورٽس آفيسر سني پرويز پاران پڻ سنڌ پنڪ گيمز جو انعقاد ڪرايو جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ شاگردياڻين گيمز ۾ حصو ورتو ۽ مختلف گيمز جهڙوڪ بيڊ منٽن، فٽبال ۽ ٿرو بال ۾ ٽرافيون ۽ گولڊ ميڊلز حاصل ڪيا. جڏهن ته تقريب ۾ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ونر ۽ رنرز ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائيندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ڇوڪرين رانديگرن ڀرپور حصو ورتو، جڏهن ته گيمز ۾ تلوار بازي، ٿرو بال، ڪرڪيٽ، بيڊ منٽن، باڪسنگ ۽ ٽيبل ٽينس ۽ ٻين گيمز جا مقابلا منعقد ڪيا ويا. سڀئي گرلز رانديگرن راندين واري کاتي کي هر سال اهڙا ايونٽ ڪرائڻ لاءِ زور وجهن ته جيئن اهڙا ايونٽ اسان هر سال منعقد ڪريون.