ڪراچي(رپورٽ:حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سرڪاري ڪتاب ٻارن کي ملڻ بدران وڪرو، پوليس جو هڪ جڳهه تي ڇاپو، 2 جوابدار گرفتار، تعليم کاتي جو عملو ملوث هجڻ جو انڪشاف، شاهه لطيف ٽائون پوليس هڪ گهر نمبر 26 بي تي ڇاپو هنيو. پوليس موجب ڇاپي دوران ٻن جوابدارن طارق شاهه ۽ صابر شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گهر مان سنڌي، اردو، سائنس، بائيولاجي، سماجي اڀياس سميت ٻين سبجيڪٽن جا ڪتاب ۽ ڪاپيون هٿ ڪيون ويون آهن. جن جو وزن ساڍا 1400 ڪلو آهي. پوليس موجب جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ڪيو ته هو سرڪاري اسڪولن مان ڪتاب خريد ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ٿا. جوابدارن ٻڌايو ته رزاق آباد سرڪاري اسڪول جي پرنسپال جاويد ابڙو ۽ قذافي ٽائون ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چوڪيدار خالد کان هي ڪتاب خريد ڪيا، گهر ۾ ڪتابن جا ڪور تبديل ڪري محمود آباد ۾ هڪ دڪاندار کي 100 رپيا في ڪتاب وڪرو ڪندا آهيون، ان کان علاوه ملير 15 ۾ دڪاندار جنيد ۽ سنگل چورنگي تي رضا نالي شخص کي ڪتاب وڪرو ڪندا آهيون. پوليس موجب جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هي ڇاپو خاص مخبر جي اطلاع تي هنيو ويو، جوابدار گهر کي ٻاهران تالو ڏئي اندر ڪتابن جو ڪور تبديل ڪري رهيا هئا.