ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ڪمشنر سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي سرڪاري ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ ذخيرا اندوزن خلاف ڪارواين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته شهر ۾ جتي به سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ٿيل آهن، اهي بِنا دير ختم ڪرايا وڃن، ڪمشنر چيو ته شهر ۾ منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزن خلاف  روزانو جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون وڃن.