ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيل 2 نوجوان ڪير آهن؟

0
275
ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيل 2 نوجوان ڪير آهن؟
ڪراچي ۾ سرعام قتل ڪيل 2 نوجوان ڪير آهن؟

ڪراچيءَ جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 2 نوجوان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

بلاڪ ٽي، شپ اونر ڪاليج ڀرسان  20 کان 25 سالن جا ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، ٻنھي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي

ريسڪيو ٽيمون ۽ رينجرز اھلڪار واقعي واري ھنڌ پهتا، لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا

ايس ايس پي سينٽرل موجب ٻن نوجوانن جا لاش مليا آھن،  ٻئي ڄڻا فائرنگ ۾مارجي ويا آھن

ايس ايس پي موجب مارجي ويل نوجوان ڦورو آھن  يا شهري؟، جاچ مڪمل ٿيڻ اڳ ڪجھه نٿو چئي سگھجي، واقعي واري هنڌ تان رڳو هڪ موٽر سائيڪل ملي آھي

ٻنھي مقتولن وٽان هٿيار به هٿ نه آيا آھن، مقامي رهواسين موجب 7 کان 8 گوليون هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو

هن کي به پڙهندا

ڪراچي ۾ غير قانوني هٿيار فراهم ڪندڙ وڏو گروپ بينقاب