ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ رڪشا هلائي پيٽ گذر ڪندڙ 17 ورهين جي ڇوڪري عليشه کي گهر ٺاهي  ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير جي خاص مددگار نواب علي وساڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان ڇوڪري کي بينظير هائوسنگ اسڪيم ۾ گهر سنڌ حڪومت ٺاهي ڏيندي.