ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ مبينه حادثي بعد ڊمپرن سميت 10 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، صورتحال خراب ٿيڻ ۽ فساد جي خدشي سبب ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي پوليس جي وڏي نفري سان پهچي ويو، مڇريل ماڻهن پوليس جي موجودگي ۾ پٿراءُ ڪيو، پوليس شيلنگ ڪري مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، فائر برگيڊ عملي پهچي گاڏين کي لڳل باهه تي ضابطو آندو.  پوليس جاچ ۾ گاڏين کي منظم منصوبابندي تحت ساڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊي آءِ جي اولهه عرفان بلوچ موجب ابتدائي اطلاع هئا ته حادثي بعد گاڏين کي ساڙيو ويو پر پوليس کي حادثي ۾ ڪنهن جي فوت ٿيڻ يا زخمي ٿيڻ جي رپورٽ نه ملي، فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊمپر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو پر ڊمپر جي اڳيان آيل موٽر سائيڪل تي ڪو به ماڻهو سوار نه هو، منصوبابندي سان گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو،  ڪي ايف سي تي حملو ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهو به ڊمپر ساڙيندڙن سان  گڏجي ويا، 300 کان 400 ماڻهو هئا، 19 جوابدارن کي گرفتار ڪري 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،  مون ڊمپر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ميٽنگ ڪري خاطري ڪرائي آهي ته سمورا جوابدار گرفتار ٿيندا، انهي واقعي ۾ عام ماڻهو نه هئا، واقعو مڪمل پلانٽيڊ هو، پوليس فوري ڪارروائي ڪري صورتحال تي ضابطو آندو. ٻئي طرف ڊمپر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ حاجي لياقت، مقصود خان ۽ ٻين چيو ته ڪو به حادثو نه ٿيو هو، ڊمپر اڳيان خالي موٽر سائيڪل ڏني وئي، جنهن بعد ڊرائيور تي تشدد ڪيو ويو، اسان جون 11 گاڏيون ساڙيون ويون آهن، ڪروڙن جو نقصان ٿيو آهي، هنن چيو واقعو ڊرامو هو،  ڪو به ماڻهو زخمي ناهي ٿيو، گورنر جي بيانن سان معاملو خراب ٿيو، سرڪار ڊمپرن جي روڊ تي اچڻ جو ٽائيم گهٽايو ، هن وقت روڊن تي موٽر سائيڪل هلائڻ جي جاءِ به ناهي، روڊن جي پاسن سان قبضا آهن، روڊن تان قبضا هٽايا وڃن، ڊمپرن جي روڊ تي اچڻ جو ٽائيم وڌايو وڃي، اسان گهرو وزير کي چيو هو ته ٽائيم نه گهٽايو، حادثا ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ڊمپر گهڻا آهن پر اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي، اسان جا ڊرائيور تربيت يافته آهن انهن وٽ ڊرائيونگ لائسنس آهن، اسان سيکڙاٽ يا نشئي ڊرائيورن کي پنهنجون گاڏيون ڇو ڏينداسين” حڪومت اسان کي تحفظ فراهم ڪري. واضح رهي ته 5 ڊمپر، 4 واٽر ٽينڪر ۽ هڪ ٽرڪ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر سروس اڻ اعلانيل طور معطل

ڪراچي: ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر سروس معطل: 7 ئي هائيڊرنٽس تان ٽينڪر غائب ٿي ويا. واٽر بورڊ جي عملدارن موجب لانڍي ۽ شيرپائو هائيڊرنٽس تي پاڻي ناهي، جڏهن ته نيپا ۽ صفورا هائيڊرنٽس مان ايمرجنسي سروسز ۽ اسپتالن کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. واٽر بورڊ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته بلديا، ڪياماڙي ۽ سخي حسن هائيڊرنٽس تي پاڻي موجود آهي پر ٽينڪر ناهن . ياد رهي ته گذريل رات پاڻي جا 8 ٽينڪر سڙيا هئا.