ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ريڙهي واري کان مفت ۾ فروٽ وٺڻ ۽ کيس ڌمڪيون ڏيڻ تان پوليس اهلڪار نوڪري مان برطرف، گذريل ڏينھن پوليس اهلڪار پاران ريڙهي واري سان بدتميزي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪار ظفر سوڌو ان سان گڏ ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو، انڪوائري مڪمل ٿيڻ تي شاهراهه نورجهان ٿاڻي تي مقرر ٿيل پوليس اهلڪار ظفر کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو، ايس ايس پي سينٽرل پنهجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪنهن به اهلڪار کي شهرين سان بدتميزي جي اجازت ناهي جيڪڏهن ڪو به اهلڪار اهڙي عمل ۾ملوث هلندو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.