ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن سنڌو درياھ تي ڇھ ڪينال ۽ ٽن ڊيمن جي اڏاوت خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي 24 ڪلاڪن کان جاري بک هڙتال   سيد زين شاھ ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي جوس پياري ختم ڪرائي ڇڏي.   سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياھ بچائو تحريڪ جي سربراھ سيد زين شاھ چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي، معيشت ڪمزور آهي، سياست آزاد ناهي، چونڊون جعلي ٿين ٿيون، ملڪ جي وسيلن تي سول ملٽري بيوروڪريسي ۽ ڪرپٽ سياستدانن قبضو ڪري مستقل طور تي اهڙا ارادا ڪري ايڪٽ منظور ڪيا ويا، پاڪستان ۾ حڪومت جو اتحاد فارم هجڻ گهرجي. ملڪ جي ملڪيت. ادارن جي ماتحت ڪئي وئي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي ڪٺ پتليون بڻايو ويو ۽ آگسٽ 2023 ۾ ادارن کي ايس ايف سي  جي نظر هيٺ ملڪ جي پوري ملڪيت جنهن ۾ پاڻي، زمين، ساحلي پٽيون، صنعتون، بجلي، توانائي ادارن جي ماتحت ڪيو ويو، 26 هين آئيني ترميم وسيلي عدالتن کي ڪمزور ۽ محدود ڪيو ويو، هي ملڪ هڪ وفاق آهي ۽ ان ۾ اسان برابر جا شريڪ آهيون، ان ۾ اسان خودمختيار آهيون پر صوبن کي ڪمزور ۽ بي اختيار ڪري حڪومت ڪئي پئي وڃي، اسان پنجاب جي زرخيز زمينن مان سنڌ جي تباهي جي بوءِ محسوس ڪريون ٿا، ملڪ ايئن ناهن هلايا ويندا، وفاقي حڪومت ۽ شريف ڀائر ٻڌو سنڌ جي عوام سودو نه ڪيو آهي، سنڌ ۽ پنجاب جون حڪومتون سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي ۾ ملوث آهن،  ڪينالن جي ٺهڻ بعد سنڌ بنجر بڻجي ويندي، سنڌو درياھ ۾ اضافي پاڻي ناهي،  سنڌو درياھ تي 80 لک ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، بيداري مھم سڄي پاڪستان ۾ هلائي ويندي پنجاب وڃي ٻڌائينداسين ته سنڌ سان ناانصافي ٿئي پئي، انڊس ڊيلٽا تباھ ٿيندو، ايندڙ ٽن سالن ۾ سنڌ جي 35 لک ايڪڙ زمين تباھ ٿيندي، جبري فيصلن سان ماڻهن ۾ نفرت جنم پئي وٺي،  سنڌ کي نفرتن طرف نه ڌڪيو، جيڪڏهن اهي نفرتون وڌيون ته وفاق خطري ۾ پئجي ويندو. اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي سنڌ جي 9 مخالف پارٽين سان گڏجي تحريڪ کي منظم ڪنداسين، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي  چيو ته ضرورت پئي ته ڪمو شهيد تي ڌرڻو هنيو ويندو، سنڌو درياھ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. پير پاڳاري ٻڌايو ته جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي نه مليو ته بلوچستان کي نه ملندو. ان موقعي تي  روشن علي ٻرڙو ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جڳديش آهوجا، منير نائچ، امير آزاد پنهور، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.