ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڊرائيور قتل، گوليون لڳل لاش مليو، پوليس موجب سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل وٽان 45 ورهين جي شاهنواز ملاح جو گوليون لڳل لاش مليو. مقتول پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ جو ڊرائيور هو، شاهنواز ملاح صبح جو 4 بجي گهران نڪتو هو، کيس ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪري لاش سپر هاءِ وي واري علائقي ۾ اڇلايو ويو، جتان لاش مليو، اتي قتل جون ڪي شاهديون نه مليون آهن، مقتول کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو، ذاتي دشمني سميت ٻين رخن کان جاچ ڪريون پيا. ٻئي طرف حليم عادل شيخ اطلاع ملندي ئي اسپتال پهتو، اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهنواز منهنجو ڊرائيور ۽ اصل سانگهڙ جو رهواسي هو، کيس سيني ۽ هٿ ۾ گوليون لڳل آهن، واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ نٿو چاهيان، واقعو ڦر مزاحمت آهي يا ذاتي دشمني؟ پوليس جاچ بعد پتو پوندو، پوليس شاهنواز جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.