ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ حادثا، ٻارڙي ۽ رٽائرڊ اهلڪار سوڌو 3 ڄڻا فوت، ان ڏس ۾ ڪورنگي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار محمد عدنان فوت ٿي ويو، فوتي سرڪاري اداري جو رٽائرڊ اهلڪار آھي، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو، هوڏانهن سائيٽ سپر هاءِ وي تي جمالي پل ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ ٽن ورهين جو ٻارڙو فرحان فوت ٿي ويو، لياري ايڪسپريس وي تي تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي