ڪراچي/قاضي احمد(نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 2 شهري قتل، هڪ جوابدار به مارجي ويو. پوليس موجب اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 13 ۾ ڊسڪو موڙ وٽ ھٿياربندن دڪان مان ڦرلٽ ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو عابد پٽ ارشاد ڀٽي قتل ٿي ويو، دڪاندار جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ موٽر سائيڪل ملي، هوڏانهن ڪورنگي ساڍا ٽي نمبر ۾ ٻن نامعلوم جوابدارن شهري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، مزاحمت تي فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو، زخمي شهري حافظ فيصل محمود اسپتال نيئڻ دوران رستي ۾ دم ڏنو. وارثن موجب نوجوان پنهنجي ڀاڻج کي اسڪول مان کڻڻ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڦورن کيس ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو. پوليس موجب جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ،هوڏنهن ڪراچي ۾ قتل ٿيل قاضي احمد جي ڳوٺ انجمن واسي 18 سالن جي عابد علي ڀٽي جو مڙھه ڪراچي کان  اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي کيس آلين اکين سان مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو، مقتول اورنگي ۾ آئيس ڪريم جي دڪان تي ويٽر طور مزدوري ڪندو هو.