ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي وري بدامني جي ور چڙهي ويو، هڪ ئي ڏينهن فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا. تفصيل موجب ڪورنگي نمبر 2 ۾ واقع پرنس بڪ اسٽال اندر فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 70 ورهين جو محمد حسين ۽ سندس 37 ورهين جو پٽ اسد حسين سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي ٻنهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ هو ته 3 هٿياربند دڪان تي آيا، جن مان 2 اندر داخل ٿيا ۽ هڪ ٻاهر بيٺو رهيو، هٿياربندن دڪان مان پئسن واري پيتي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد حسين مزاحمت ڪئي، ان دوران اسد  به اڳتي وڌيو ته هٿياربندن محمد حسين تي فائرنگ ڪئي. ان موقعي تي دڪان ۾ بيٺل ٻئي جوابدار به فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ٻئي پيءُ پٽ زمين تي ڪري پيا. جنهن بعد جوابدار  پئسن واري پيتي کسي فرار ٿي ويا. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا، جن ۾ جوابدارن کي مزاحمت تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. واقعي کانپوءِ علائقي واسين احتجاج ڪيو ۽ باھ ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون، سي سي ٽي وي وڊيو ذريعي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول هٿ ڪيا ويا آهن، گولين جا خول فارنزڪ لاءِ اماڻيا ويندا. پوليس موجب پيءُ پٽ جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي جو ڪيس نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف پراڻي گوليمار واري علائقي ولي محمد وليج ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ 25 ورهين جي طاهر ولد رشيد جي نالي سان ٿي. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو. سپر هاءِ وي واري علائقي خادم سولنگي ڳوٺ ڀرسان جهاڙين مان هڪ شخص جو گولي لڳل لاش مليو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب مقتول جي عمر 40 کان 45 سال آهي. نامعلوم جوابدارن گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش جهاڙين ۾ اڇلايو آهي. مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ھوڏانھن لياري جي ڪالا ڪوٽ واري علائقي ۾ شهنشاهي روڊ تي اسلامي محلي وٽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري 20 ورهين جي ياسين پٽ  نياز علي کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ميٽرو ويل جي علائقي باب خيبر وٽ ڦورن شهرين کان ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي ته شهري مزاحمت ڪئي. شهري ۽ ڦورن هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، شهري جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، سندس ساٿي زخمي ٿي پيو. مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 40 ورهين جي عتيق الرحمان ۽ زخمي جوابدار جي سڃاڻپ احسان الله ولد سراج احمد جي نالي سان ٿي. پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ شهري محمد اسحاق  زخمي ٿي پيو. مارجي ويل جوابدار جو لاش ۽ زخمي جوابدار ۽ شهري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.