ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بدامني برقرار:  ڦر دوران مزاحمت تي هڪ وڌيڪ شهري قتل، دڪاندار مارجي ويو: هڪ زخمي، ان ڏس ۾ سپر هاءِ وي تي اجمير ٽاور وٽ ھٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي 40 ورهين جي امجد پٽ طالب کي قتل ۽ امان الله پٽ خير بادشاهه کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايس پي اولهه حفيظ بگٽي ڪار سوار شهري بينڪ مان 10 لک ڪڍرائي نڪتا،  انهن هڪ هنڌ تي ڪنهن کي 9 لک 20 هزار ڏنا، باقي ڪار ۾ 70 کان 80 هزار پيل هئا، اجمير ٽاور وٽ ڪار ۾ سوار شهرين جوابدارن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي پسٽل ڪڍيو، جنهن تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج  هٿ ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف  اورنگي ٽائون جي اقبال مارڪيٽ واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪاندار 32 ورهين جي آصف کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايس پي موجب آصف ريزڪي دڪان بند ڪري وڃي رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن کيس مٿي ۾ پوئين پاسي کان گولي هنئي، مقتول کان ڦر نه ڪئي وئي،  وٽس موبائيل فون به موجود هو، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي