ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي ۾ بدامني برقرار: ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سميت 5 ڄڻا قتل، ان ڏس ۾ شهيد ملت انڊر پاس ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 22 ورهين جي دانش کي قتل ڪري ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن موجب هٿياربندن دانش کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو، ٻئي طرف منگهو پير جي ميانوالي ڪالوني ۾ رباني مسجد وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 43 ورهين جي صفدر کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب صفدر کي سندس گهر ٻاهران قتل ڪيو ويو، ابتدائي طور واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن،هوڏانهن فيڊرل بي ايريا جي گلشن شميم ۾ روڊ ڪناري 30 ورهين جي روبن مسيح جو تشدد ٿيل لاش مليو، پوليس موجب مقتول کي ڇرا هڻي قتل ڪيو ويو، ابتدائي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو. ٻئي طرف منگھوپير ۾ پاڪستان هوٽل وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي خادم حسين پٽ محمود کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقتول کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا هئا، هوڏانهن اورنگي ٽائون جي علائقي خير آباد ۾ امن چوڪ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نياز حسين کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نياز حسين کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو، مقتول ايم ڪيو ايم جي الطاف نگر يونٽ جو ڪارڪن هو، لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.