ڪراچي ۾ بجلي بندش خلاف ڌرڻي دوران چڪريون: عورت مارجي وئي

0
175

ڪراچي ۾ بجلي جي بندش خلاف ڌرڻي دوران پوليس ۽ شهرين ۾ چڪريون ٿيون  آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي

ماڙيپور روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس جي روڊ کولرائڻ لاءِ شهرين تي لٺبازي، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪري رهي آهي

 مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد لياري واسين عورتن ۽ ٻارن سوڌو ماڙيپور روڊ تي ٻيهر ڌرڻو هنيو، بجلي جي فراهمي کان اڳ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو

 ڌرڻي سبب ڪياماڙي، نيٽي جيٽي پُل، ايم ٽي خان روڊ ۽ آءِ سي آءِ پُل تي ٽرئفڪ جام آهي، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، پوليس ۽ شهرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد رينجرز به پهتل آهن