ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ ايڪسائيز کاتي ڪسٽم آفيسرن جون ٽيمپرڊ چيسز نمبر جون 9 گاڏيون روڪي ورتيون، ٻنهي کاتن جا آفيسر هڪٻئي کي هٿين پئجي ويا، جهيڙو، ايڪسائيز اهلڪارن کي ڌڪا ۽ داٻا، ڪسٽم وارا هڪڙي گاڏي ڇڏائي ويا، وڏي وزير طرفان ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم، ڪلفٽن واري علائقي سي ويو تي ايڪسائيز اهلڪار ناڪابندي ڪري گاڏيون چيڪ ڪري رهيا هئا، ان دوران ڪسٽم آفيسرن جون 9 گاڏيون روڪيون ويون، ڪسٽم آفيسرن مدد لاءِ ڪسٽم اهلڪارن کي گهرائي ورتو، ڪسٽم اهلڪار پنهنجي آفيسرن جي مدد لاءِ پهتا ته انهن ايڪسائيز اهلڪارن سان جهيڙو ڪيو، ايڪسائيز اختيارين موجب ڪسٽم اهلڪارن ايڪسائيز آفيسرن کي ڌڪا ۽ داٻا ڏنا ۽ گارگند ڪئي، ڪسٽم وارا جهيڙو ڪري پنهنجي ڪليڪٽر جي گاڏي ڇڏائي ويا، باقي گاڏين کي ايڪسائيز اهلڪارن تحويل ۾ ورتو. جهيڙي دوران شهرين جي رش لڳي وئي. ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير مڪيش چاولا سنڌ جي وڏي وزير کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو. وزيراعلي هائوس جي ترجمان موجب صوبائي وزير مڪيش چاولا وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪسٽم آفيسرن جون گاڏيون ٽيمپرڊ چيسز نمبر جون هيون، هن وقت تائين 9 گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن. وڏي وزير حڪم ڪيو ته اهڙيون گاڏيون فوري طور تحويل ۾ ورتيون وڃن، صوبي ۾ ڪنهن کي چيچس پنچڊ ۽ جعلي نمبر پليٽ لڳل گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي، غير رجسٽرڊ، ٽرانسفر ليٽرز ۽ جعلي نمبر پليٽ لڳل گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڪسٽم طرفان آفيشلي ڪو به موقف نه ڏنو ويو، ڪسٽم ذريعن موجب اهي گاڏيون چيچس پنچڊ آهن، اهي نيلام نٿيون ٿي سگهن، اداري جي اجازت سان آفيسر اهي گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ايڪسائيز اختيارين موجب تازو سنڌ حڪومت ايڪسائيز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي، پنچڊ ۽ جعلي نمبر پليٽ لڳل گاڏين کي پڪڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڪسٽم آفيسرن جون گاڏيون پنچڊ ٿيل هيون ۽ انهن تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل هئا.