ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جي اينٽي ھيومن ٽريفڪنگ سرڪل پرڏيھين کي غيرقانوني طور سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي الزام هيٺ نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حماد حسين، سينئر ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رضوان خان کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان موجب گرفتار آفيسرن غيرملڪي شھري جاويد کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏنو، مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ھن وقت تائين نادرا آفيسرن سميت 16 جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن