ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بايو ميڪنيڪل انجنيئر شعيب نثار جي قتل ڪيس ۾ ڊرامائي موڙ، مک جوابدار پوليس ڇاپي دوران خودڪشي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ سچل واري علائقي ۾ سر سيد چوڪ وٽ قتل ٿيل انجنيئر شعيب نثار واري ڪيس جي جاچ دوران پتو پيو ته شعيب نثار جي قتل ۾ سندس ننڍڻ جو دوست ۽ پارٽنر عاصم ملوث آهي. پوليس موجب پوليس پارٽي سومار ڳوٺ ۾ جوابدار عاصم جي گھر ڇاپو هنيو، انهي دوران جوابدار عاصم پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس موجب جوابدار عاصم ۽ مقتول وچ ۾ ڏيتي ليتي جا معاملا هلندڙ هئا، جوابدار عاصم شعيب نثار کي قتل ڪري ڪار ڪاهي فرار ٿي ويو هو، پوليس مقتول شعيب نثار جي ڪار هٿ ڪري ورتي، خودڪشي ڪندڙ جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪري سندس پستول  تحويل ۾ ورتو ويو،