ڪراچي : ڪراچي جي سھراب ڳوٺ واري علائقي جمالي ڳوٺ ۾ پوليس نفري غيرقانوني پناهگيرن خلاف آپريشن ڪارروائي ڪري 1000 کان وڌيڪ غيرقانوني طور ترسيل افغاني حراست ۾ ورتا، حراست ۾ ورتل افغانين کي ايس پي سھراب ڳوٺ آفيس منتقل ڪري اتي نادرا ڊيسڪ قائم ڪئي وئي ، نادرا جي ٽيم سان گڏ افغانين جي ويريفڪيشن ڪئي پئي وڃي، افغانين کي تصديق بعد ڪوچن ۽ بسن ذريعي ھولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويندو، غيرقانوني افغانين کي مانجھاندو پڻ ڪرايو ويندو هوڏانهن وفاقي سرڪار ڊي آءِ جي (سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي) ڊويزن ڊاڪٽر مقصود احمد ميمڻ کي هٽائي وفاق رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي