ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس  سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي ۽ يثرب ڳوٺ ۾ آپريشن ڪري وڌيڪ  70 افغاني پناهگيرن کي حراست ۾ ورتو. پوليس موجب آپريشن دوران 250 گهرن جي تلاشي وٺي 250 ماڻهن جا دستاويز چيڪ ڪيا ويا، جنهن بعد 70 ماڻهن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ايس پي آفيس منتقل ڪيو ويو، جتي دستاويزن جي تصديق نه ٿيڻ تي کين حاجي ڪيمپ ۾ واقع هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو