ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي شڪست تي جشن ملهائڻ تان پوليس جو افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون، 41 افغاني گرفتار، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي هارائڻ تي جشن ملهايو ،   انهي جشن جون  ڪجهه اهڙيون وڊيوز به وائرل ٿيون هيون، جن ۾ افغانين کي مقامي شهرين کان پاڪستان مخالف نعرا هڻائيندي ڏٺو ويو، سنڌ حڪومت مامري جو نوٽيس وٺي پوليس کي افغانين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنهن بعد پوليس سهراب ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ افغانين خلاف آپريشن ڪيو. پوليس موجب مجموعي طور 41  افغانين کي گرفتار ڪيو ويو، جن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پوليس ذريعن موجب افغاني شهري ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ به ملوث آهن