ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪنٽرول لاءِ  8 ايس پيز ۽ 38 ڊي ايس پيز تبديل، ان ڏس ۾ وقتي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عبدالغفور لاکو کي ايس پي شاهه فيصل، سعيد رند کي ايس پي ڪياماڙي، عبدالباقي رند کي ايس پي اورنگي ، شوڪت شاهاڻي کي ايس پي سهراب ڳوٺ، اڪبر نيازي کي ايس پي لانڍي، ارشد صديقي کي اي ڊي آءِ جي ڪراچي، آغا اصغر پٺاڻ کي ايس پي سٽي ۽ نيئر الحق کي ايس پي ڪورٽ پوليس مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته طارق عمران کي ايس ڊي پي او نيو ٽائون، خوشنود جاويد کي بهادر آباد، ارشد لغاري کي جمشيد ڪوارٽر، خان محمد شيخ کي سچل،  وقار جدون کي لانڍي، زوار حسين کي سکن، مسرور جتوئي کي نيو ڪراچي، شاهد محمود چوڌري کي فريئر، محمد آصف ڪمالي کي ڊي ايس پي ڪرائيم سين يونٽ، نثار لوڌي کي رساله، لياقت حيات کي عيد گاهه، ياسر شيخ کي ڊي ايس پي ٽريفڪ رينج آفيس ڪراچي، سعيد محمد کي ڊي ايس پي ٽريفڪ پي آءِ ڊي سي، اقبال رضا شيخ کي ڊي ايس پي ٽريفڪ ڪلفٽن، زبير الاسلام کي ڊي ايس پي ٽريفڪ درخشان، شوڪت اعواڻ کي ڊي ايس پي ٽريفڪ ايئرپورٽ، اسرار چنگيزي کي ڊي ايس پي ٽريفڪ جيڪسن، وسيم محمد کي ڊي ايس پي ٽريفڪ لياقت آباد، سيد جعفر عباس کي ڊي ايس پي ٽريفڪ جمشيد ڪوارٽر، سيف الله کي ڊي ايس پي ٽريفڪ شير شاهه ۽ عبدالرشيد مروت کي ڊي ايس پي ٽريفڪ سعيد آباد مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح حسيب قريشي کي ڊي ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي، مشتاق شاهه کي ڊي ايس پي آپريشن ويسٽ زون، اختر جاويد کي ڊي ايس پي انويسٽيگيشن نيو ڪراچي، عامر گل کي ڊي ايس پي انويسٽيگيشن منگهو پير ۽ عزيز ﷲ کي ڊي ايس پي ايڊمن ايسٽ زون مقرر ڪيو ويو، ملڪ عارف عثمان کي ڊي ايس پي آپريشن سي آءِ اي ۽ شبير خان کي ڊي ايس پي آپريشن ايس آءِ يو مقرر ڪيو ويو. ارشاد گبول، شاھ زمان، امتياز قاضي، رائو محمد احسان، عامر زمان، اعظم عمران، حيدر علي، عابد سجاد ۽ ارشد محمود کي ايس ايس يو ۾ مقرر ڪيو ويو.