ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پريڊي ٿاڻي جي حد ۾ احمدين جي عبادتگاهه جو گهيراءُ، تشدد ۾ احمدي شهري مارجي ويو، پوليس موجب جمعي جي نماز وقت احمدي ڪميونٽي جا ماڻهو عبادتگاهه ۾ گڏ ٿيا، انهي دوران مذهبي جماعت سان تعلق رکندڙ ماڻهو عبادتگاهه ٻاهران پهتا ، هڪ شخص وڊيو رڪارڊ ڪئي ته مڇريل ماڻهن کيس تشدد ڪري ماري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ئي، اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، پوليس موجب واقعي جو ڪيس بعد ۾ داخل ڪيو ويندو