ڪراچي ۾ آر آر ايف فورس جو موهن جو دڙو واسي اهلڪار ڊيوٽي دوران کنڀجي ويو

0
170
ڪراچي ۾ آر آر ايف فورس جو

ڪراچي: ڪراچي ۾ آر آر ايف فورس جو موهن جو دڙو واسي اهلڪار ڊيوٽي دوران کنڀجي ويو، گذريل ڏينهن اڻڄاتل ماڻهو اهلڪار دلبر ڏيرو کي کنڀي ويا، حد جي پوليس اهلڪار جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته 5 آگسٽ 2020ع تي به دلبر ڏيرو کنڀجي ويو هو، کيس پنج ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو، نوجوان ڪالهه ٻيهر کنڀجي ويو آهي، آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير کي نوٽيس وٺي اهلڪار جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي