ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾گھر اندر فائرنگ: گهر ڌياڻي قتل، سندس پٽ زخمي، ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون جي گلشن بهار ڪالوني ۾گھر اندر فائرنگ ٿيڻ سبب گهر ڌياڻي ياسمين دم ڏنو، جڏهن ته سندس پٽ اسد زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتوله جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب زخمي اسد سيکڙاٽ پوليس اهلڪار آهي، هن ٻڌايو ته هٿياربندن گھر مان ڦرلٽ ڪئي،  مزاحمت تي هٿاربندن فائرنگ ڪري منهنجي ماءَ کي قتل ۽ مون کي زخمي ڪيو. پوليس موجب زخمي اهلڪار جي بيانن ۾ تضاد آهي، گھر مان ڦرلٽ جون ثابتيون نه مليون  آهن.