ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سخي حسن ۾ فوڊ پانڊا رائيڊر کان موبائل فون ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتاري جي خوف کان پل تي چڙهي ويو، شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، پوليس به پهتي، جوابدار پوليس کي ڌمڪي ڏني ته آئون ٽپو ڏئي ڇڏيندس. جوابدار کي ڀڄڻ جو رستو نه مليو ته پل تان ٽپو ڏئي تارن کي پڪڙي لٽڪي پيو، پوليس صورتحال کي ڏسي چادر گهرائي ورتي، جوابدار تارن تي ڪرتب ڏيکاريندو رهيو، چادر ڏسي فلمي انداز ۾ ٽپو ڏنائين، پوليس جوابدار کي شهرين کان بچائي ٿاڻي منتقل ڪيو.