ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ  مقابلو: شڪارپور جي اڳوڻي سپاهي سميت 4 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ: 70 ڪيس به ظاهر، ان ڏس ۾ ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن جي گندا نالا اسٽاپ وٽ سي ٽي ڊي، پوليس ۽ 4 جوابدارن ۾ مبينه مقابلو ٿيو. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 جوابدار مارجي ويا، مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالستار پٽ مولا بخش، سريچند پٽ مير چنڊ اوڏ ، نواب احمد پٽ سچل سولنگي ۽ راجڪمار پٽ بشو مل اوڏ جي نالن سان ٿي، سندن قبضي مان 2 موٽر سائيڪلون، 4 پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. ايس پي ڪلفٽن ماجده پروين موجب مارجي ويل جوابدار انتهائي گهربل هئا، جوابدار راج ڪمار اوڏ شڪارپور پوليس جو اڳوڻو اهلڪار هو، جيڪو  رنگروٽ هجڻ وقت به ڏوهه ڪندو هو، جڏهن ته سري چند اوڏ جو تعلق پ شڪارپور سان آهي، ڏوهاري ٽولي مٿان 70 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار قتل، قتل جي ڪوشش، اسٽريٽ ڪرائيم، ڦر دوران مزاحمت تي شهرين کي قتل ڪرڻ سميت سنگين ڪيسن ۾ ملوث هئا، جوابدارن 6 نومبر تي توحيد ڪمرشل ۾ سيڪيورٽي اداري جي رٽائرڊ اهلڪار سعيد کي ڦر دوران مزاحمت تي  قتل ڪيو هو، سعيد بينڪ مان 5 لک رپيا ڪڍرائي وڃي رهيو هو ته جوابدارن رقم ڦر ڪرڻ دوران کيس قتل ڪيو، ساڳين جوابدارن 5 جون تي واپاري آصف بلواني کي ڦر دوران قتل ڪيو هو، مارجي ويل جوابدارن 12 جنوري 2022 تي هندو واپاري وير ڀان کي پڻ قتل ڪيو هو. جوابدار نواب احمد سولنگي خلاف ڪراچي ۾ ڪلفٽن، بوٽ بيسن، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو آدم، سانگهڙ ۽ حيدرآباد ۾ 27ڪيس  داخل ٿيل آهن، جڏهن ته راجڪمار خلاف ڪلفٽن، بوٽ بيسن ، دادو سميت ٻين ٿاڻن تي 14 ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار سريچند خلاف بوٽ بيسن ۽ لاڙڪاڻي ۾ 13 ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار عبدالستار خلاف ڪراچي ۾ 15 ڪيس داخل ٿيل آهن. هوڏانهن آزاد ذريعن موجب مارجي ويل نواب سولنگي ۽ عبدالستار جو تعلق دادو ۽ حب چوڪي سان آهي، ٻئي طرف  مارجي ويل جوابدارن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا، هوڏانهن  ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا مقابلو ڪندڙ پوليس پارٽي لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آهي.