ڪراچي ۽ نيويارڪ ۾ گھڻي ھڪجھڙائي آھي: نيويارڪ پوليس پاران ڏوھن کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس کي سکيا ڏيڻ جي آڇ

0
158
ڪراچي ۽ نيويارڪ ۾ گھڻي ھڪجھڙائي آھي: نيويارڪ پوليس پاران ڏوھن کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس کي سکيا ڏيڻ جي آڇ
ڪراچي ۽ نيويارڪ ۾ گھڻي ھڪجھڙائي آھي: نيويارڪ پوليس پاران ڏوھن کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس کي سکيا ڏيڻ جي آڇ

ڪراچي (رپورٽ: زوھيب سومرو) ڪراچي جي خصوصي ياترا تي پھتل نيويارڪ پوليس کاتي جي وفد ايس ايس يو ھيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جنھن ۾ پاڪستان اميرڪن لا انفورسمينٽ سوسائٽي پي اي ايل ايس سان لاڳاپيل آفيسر شامل ھئا، جڏھن تہ وفد جي سربراھي پي اي ايل ايس جو صدر روحيل خالد ڪري رھيو ھو

ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد نيويارڪ پوليس جي وفد جي آجيان ڪئي، جڏھن تہ وفد سان ڳالھہ ٻولھہ دوران سندس چوڻ ھو تہ پاڪستان ۾ پوليسنگ کي عالمي معيار پٽاندڙ اپگريڊ ڪيو پيو وڃي، اُن کانسواءِ پوليسنگ کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. اُن موقعي تي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي پاران روحيل خالد کي اعزازي شيلڊ ڏني وئي

واضح رھي تہ پاڪستان اميرڪن لا انفورسمينٽ سوسائٽي 2015ع ۾ٺاھي وئي ھئي، جنھن جو مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيز ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني آفيسرز وچ ۾ ھم آھنگي ۽ ڪم ۾ رابطي ڪاري کي ھٿي وٺرائڻ آھي

اُن کان اڳ نيويارڪ پوليس جي مختلف ڪيڊرز جي آفيسرز تي ٻڌل وفد وزيراعليٰ ھائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھہ سان ملاقات ڪئي، جنھن دورنا گھرو سيڪريٽري خالد اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻياعملدار موجود ھئا، نيويارڪ پوليس جي وفد وڏي وزير کي آگاھي ڏني تہ ھُنن مۡتلف ماڻھن ۽ پوليس ڪيڊرز جي آفيسرز سان ملاقاتون ڪيون آھن

نيويارڪ ۽ ڪراچي شھر ۾ گھڻي ڀاڱي ھڪجھڙائي آھي، جتي ڏوھہ ڪندڙ 10 سيڪڙو ماڻھو 90 سيڪڙو آبادي خلاف وارداتون ڪندا آھن. وفد زور ڀريو تہ اِنھي رويي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تہ ڏوھاري جي ذھن ۾ اھا ڳالھہ وجود رھي تہ مٿن ڪرڙي نظر رکي پئي وڃي. ملاقات دوران وفد آڇ ڪئي تہ ھو سندھ پوليس ۽ ان جي آفيسرز کي ان حوالي سان سکيا ڏئي سگھن ٿا.
وڏي وزير مراد علي شاھھ نيويارڪ پوليس جي وفد جي آڇ تي ٿورا مڃيندي چيو تہ نيويارڪ پوليس جيان سنڌ پوليس بھ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪرڻ ڏانھن وڌي رھي آھي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي ھدايت ڪئي تہ نيويارڪ پوليس سان گڏ ٽريننگ سسٽم جو جائزو وٺي، جڏھن تہ ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو تہ نيويارڪ ۽ سنڌ پوليس ۾ ٻطرفو سھڪار وڌايو ويندو

ملاقات ۾ ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھہ چيو تہ سنڌ سرڪار ڏوھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گھڻي محنت ڪئي آھي، خطي جي صورتحال ۾ ڪراچي ٽارگيٽ رھيو آھي، ھڪ دور ھو جو شھر ۾ دھشتگردي چوٽ چڙھيل ھئي، پر پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شھر ۾ امن لاءِ سخت محنت ڪئي. اُن جي نتيجي ۾ اڄ ڪراچي ۾ امن آھي، ھاڻي رڳو اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آھي، جنھن کي بہ جلد ختم ڪيو ويندو. اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جي استعمال سان گڏ عادي ڏوھارين خلاف قانونسازي ڪئي پئي وڃي

ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاھھ نيويارڪ پوليس جي آفيسرز کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا ڏنا.