ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ به ڪينالن خلاف کدڙن احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ سنڌو درياهه تي تڪراري 6 ڪئنالن خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران کدڙن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . خواجه سرائن ڊانس ڪري ۽ نعريبازي ذريعي وفاق خلاف انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شھزادي راء ۽ ٻين ڳالهائيندي سنڌو درياهه تي تڪراري 6 ڪئنالن منظور ناهن. وفاق سنڌ کي نڌڻڪو نه سمجهي. تڪراري ڪئنالن خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف خواجه سراءَ به  روڊن تي نڪري آيا، شهر جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ خواجه سرائن شهر جي جناح باغ ۾ گڏ ٿي هٿن ۾ چوڙيون ۽ تئو کڻي پريس ڪلب اڳيان انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ چوڙيون پائي تئو کڻي تاڙيون وڄائي تڪراري ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي خواجه سراءَ اڳواڻن ثمرن خان، ماريه، روينه، ببلي، راگني، انجلي، پنکڙي، ستاره ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 تڪراري ڪئنال ٺاهڻ سان سڄي سنڌ سُڪي ويندي زراعت، معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ متاثر ٿيندي ۽ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، اڳ ئي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جنهن هر سال ڪافي فصل نه پيا پوکجن جنهن سان سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، هنن چيو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين.پنهنجي جانين جا نذرانه ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون پر ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين. گهر گهر وڃي عام ماڻهن کي ٻڌائينداسين ته هي تڪراري ڪئنال سنڌي ماڻهن جي لاءِ موت مثل آهن هنن چيو ته ضرورت پئي ته سڄي سنڌ جا خواجه سراءَ ٻاهر نڪري ڀرپور تحريڪ هلائيندا.