ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون هڪ مهيني لاءِ بند ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون هڪ مهيني لاءِ جزوي طور بند ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي نوٽم جاري ڪيو آهي، جنهن موجب ڪراچي ۽ لاهور جي فلائيٽ انفارميشن ريجن جون مخصوص فضائي حدون پهرين مئي کان 31 مئي تائين هڪ مهيني لاءِ جزوي طور بند رهنديون. نوٽم موجب ڪراچي ۽ لاهور جون مخصوص فضائي حدون صبح 4 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين بند رهنديون، ان دوران ڪمرشل اڏامن جو فلائيٽ آپريشن متبادل روٽن ذريعي جاري رهندو.