ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان ٽارگيٽ بڻائي قتل، ان ڏس ۾ لياقت آباد نمبر 10 ۾ اخوت اسلام مسجد ويجھو تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن فائرنگ ڪري 35 سالن جي ريحان ولد نور محمد کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو مڙھه عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار فائرنگ ڪندا آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي ، مقتول جا وارث نه پهچڻ ڪري ڪيس  داخل نه ٿي سگهيو هو.